پرويز الاهي عدليه جي فيصلي تي عمل جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آيو: گهرو وزير

پرويز الاهي عدليه جي فيصلي تي عمل جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آيو: گهرو وزير

اسلام آباد(بيورو)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي جيڪڏهن 186 ميمبرن واري ڪابينا ٺاهي ته ان خلاف ڪارروائي ۾ هڪ مهينو لڳندو، جيڪڏهن هو 186 ميمبرن واري ڪابينا نه ٺاهي ته ٻئي يا ٽئين ڏينهن ڪابينا ٺاهي ويندي. اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ته اسان تحريڪ عدم اعتماد تي غور ڪيو ويندو.ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چيو ته پنجاب ۾ اسان کي نشانو بڻايو ويو، اسان ادارن کان تعاون نه گهريو ۽ نه چاهيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان اسان کان پنجاب نه واپس وٺي سگهيو آهي ۽ نه وري واپس ورتو آهي.گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ مرڪز تي حملو ڪرڻ چاهي ٿي ته ان جي خواهش پوري ڪري، اسان مڪمل تيار آهيون، 25 مئي جي مشق سندن ذهن ۾ هوندي.راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان جڏهن به عمران خان جي پارٽي سان گڏ ويهڻ جي ڳالهه ڪئي ته هن اسان کي گاريون ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو