پرويز الاهي حڪومت جي حمايت ۾ کلي سامهون اچي ويو

پرويز الاهي حڪومت جي حمايت ۾ کلي سامهون اچي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چوڌري پرويز الاهي حڪومت جي حمايت ۾ کلي سامهون اچي ويو آهي.اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چوڌري پرويز الاهي پنجاب جي گورنر چودھري سرور سان ملاقات ڪئي جنهن بعد پرويز الاهي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته عمران خان گهر آيو هو  هاڻ ڪي به تحفظات نه آهن  پي ٽي آءِ حڪومت پنج سال پورا ڪندي.هن چيو ته هو حڪومت جا اتحادي آهيون انشاء الله حڪومت مدت پوري ڪندي جڏهن ته وفاقي سطح تي ڳالهيون ٿينديون  اپوزيشن جي حوالي سان وزيرن جا مثبت بيان سامهون آهن .ان موقعي تي گورنر پنجاب چوڌري سرور چيو ته ڪو ئي به  دما دم مست قلندر ناهي  جمهوريت ۾ گرما گرمي ۽جلسا  جلسو س ٿيندا آهن اپوزيشن پڻ ضمني چونڊون ۽ سينيٽ چونڊون۾ حصو وٺي  رهي آهي  اپوزيشن عوامي مسئلن تي ڳالهين جي ميز تي اچي غير جمهوري رستو نه اختيار ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو