پرويز الاهي نظربندي خلاف داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي

پرويز الاهي نظربندي خلاف داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي وڪيلن نظربندي خلاف درخواست واپس وٺي ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز الاهي جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس علي باقر نجفي چوڌري پرويز الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پرويز الاهي جي وڪيلن کي لاڳاپيل فورم سان رجوع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي چيو ته توهان نظربندي خلاف ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) کي درخواست ڏيو، هو توهان کي ٻڌائيندو ۽ فيصلو ڪندو، توهان وٽ لاڳاپيل فورم آهي، توهان پهريان اتي وڃو. پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته اهڙا ڪيترائي فيصلا آهن جن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهجي ٿي. جسٽس علي باقر نجفي پرويز الاهي جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پهريان لاڳاپيل فورم ڏانهن رجوع ڪريو، توهان هتي ئي لاڳاپيل فورم جي فيصلي خلاف اپيل ڪري سگهو ٿا. هن چيو ته اوهان لاءِ بهتر آهي ته لاڳاپيل فورم ڏانهن رجوع ڪيو وڃي، اوهان اڄ ئي ڊي سي کي درخواست ڏيو.

پرويز الاهي 3 ايم پي او تحت هڪ مهيني لاءِ نظربند

پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي 3 ايم پي او تحت هڪ مهيني لاءِ نظربند ڪيو ويو.ڊپٽي ڪمشنر چوڌري پرويز الاهي جي نظربندي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.ڊي سي لاهور طرفان جاري ڪيل حڪم موجب چوڌري پرويز الاهي کي پوليس 3 ايم پي او تحت نظربند ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، جنهن تي چوڌري پرويز الاهي کي هڪ مهيني لاءِ نظربند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.حڪم نامي موجب چوڌري پرويز الاهي کي هڪ مهيني لاءِ ڪيمپ جيل لاهور ۾ نظربند ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو