لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ريسڪيو 1122 جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته هن سال وڌيڪ 86 تعلقن ۾ ايمرجنسي سروس جو دائرو وڌايو ويندو.هن چيو ته ايمرجنسي سروس کي پنجاب جي سمورن تعلقن تائين وڌايو ويندو.چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته پنجاب ايمرجنسي سروس ريسڪيو 1122 قابل قدر ۽ قابل فخر ادارو آهي.










