اسلام آباد(بيورو رپرٽ )وفاقي وزيرن چيف جسٽس آف پاڪستان کان پرويز الاهي جي مبينا آڊيو جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آڊيو ليڪ ٿيڻ هڪ سنگين معاملو آهي، ان جو فارنزڪ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اهي آڊيو سچا آهن ته قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي هن چيو ته ان آڊيو جي معاملي تي به چيف جسٽس سان ڳالهايو وڃي. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال به پرويز الاهي جي آڊيو ليڪس جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪندي چيو ته آڊيو ليڪس جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، ان سان گڏ ميچ فڪسنگ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن سان عدليه جي ڪردار تي سواليه نشان بڻجي ويو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ٽيپ ڪوڙي آهي ته عدليه کي نقصان پهچائڻ وارن کي سزا ملڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اها ٽيپ سچي آهي ته سپريم ڪورٽ تي وڏو داغ هوندو.ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير به چيف جسٽس کان معاملي جي سموٽو ۽ آڊيو فارنزڪ جاچ جي درخواست ڪئي آهي.










