پراعتماد آهيان ته هنگري جي ايس پي پلس جي حمايت جاري رکندو

پراعتماد آهيان ته هنگري جي ايس پي پلس جي حمايت جاري رکندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته کيس يقين آهي ته هنگري جي ايس پي پلس لاءِ پنهنجي حمايت جاري رکندو.اسلام آباد ۾ پنهنجي هنگري جي هم منصب سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي ٻئي دوري تي توهان جو استقبال ڪندي خوشي ٿي رهي آهي.نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاع، سائنس، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل ڀائيواري اهم آهي، ۽ هنگري پاڪستان جو هڪ قابل اعتماد دوست رهيو آهي.هن چيو ته باهمي ڀائيواري کي فروغ ڏيڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ تعاون وڌي رهيو آهي. ٽئين سيشن زراعت ۽ پاڻي جي انتظام ۾ هنگري جي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ جو رستو کوليو.پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته ڪجهه وقت اڳ ٻن مفاهمت جي ياداشتن ۽ هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن. اسان انهن کي فلسطين جي حمايت ۽ افغانستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي بابت اعتماد ۾ ورتو.ان موقعي تي ڳالهائيندي هنگري جي پرڏيهي وزير چيو ته هو شاندار مهمان نوازي تي پاڪستان جو شڪرگذار آهي ۽ پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو منتظر آهي.هن چيو ته ٻنهي ملڪن مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون. ٻئي ملڪ عالمي سياسي معاملن تي ساڳيو موقف رکن ٿا ۽ ثقافت ۽ آثار قديمه جي شعبن ۾ هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪندا.پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته افغان سرزمين تان دهشتگردي جي پکڙجڻ تي خدشو آهي، غير قانوني مهاجرن جي معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو