گهارو (ن سنڌيار) ڌاٻيجي پبلڪ پارڪ تي ٿيل قبضي خلاف احتجاج عوام لاء مختص ڪيل چند سو فوٽن جي پبلڪ پارڪ تي به لينڊ مافيا جون اکيون کتل يونين ڪائونسل ڌاٻيجي جي پارڪ تي لينڊ مافيا جو قبضو پارڪ ڊاھي ان زمين تي وڏو شابنگ سينٽر جون اڏاوتون مقامي انتظاميا جي ملي ڀگت سان ٺاھڻ شروع ڪري ڏني سڄاڻ ڌرين ۾ ڳڻتي جي لهر قبضو خالي ڪرڻ جي گهرٽاھڻ جو مرمتي ڪم شروع ڌاٻيجي جي شھرين سياسي سماجي اڳواڻن سڄاڻ ڌرين پاران سخت احتجاج نوٽس وٺڻ جو مطالبو انھي موقعي تي جسقم اڳواڻ نظام جوکيو , رشيد بلوچ امين بلوچ سميت سياسي سماجي اڳواڻن ٻين چيو ته هڪ پاسي ڪراچي ۾ سرڪاري زمينن تي مسجدون پبلڪ پارڪ ۽ شادي حال ڊاٿا پيا وڃن ته ٻئي پاسي سنڌ جي تاريخي ماڳ ڀنڀور جي سرزمين تي قبضي کانپوء ڌاٻيجي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خالي پيل روينيو جي ملي ڀگت سان سرڪاري زمينن تي قبضي کان پوء پبلڪ پارڪن تي ڪراچي جي بااثر لينڊ مافيائين رات جي پهر ۾ راتو رات اڏاتون شروع ڪري قبضا شروع ڪري ڏنا آھين جنهن جي ڪري سنڌ جون تاريخي نشانيون پڻ مٽجڻ جو خدشو آھي هنن سيشن جج ٺٽو ۽ ثقافت کاتي جي وزير کان اپيل ڪندي چيو ته فوري طور تي نوٽس وٺي ڪري قبضو خالي ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو










