پاڻي جي کوٽ اسانجو معاشي قتل آهي، ملڪاڻي جو ڌرڻي جو اعلان

پاڻي جي کوٽ اسانجو معاشي قتل آهي، ملڪاڻي جو ڌرڻي جو اعلان

چوهڙ جمالي ( ناشاد ملاح) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پي پي ضلع سجاول جي صدر محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته پي ايس 76 جي عوام زرعي پاڻي جي انتهائي شديد کوٽ کي منهن ڏيئي رهي آھي پاڻي جي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي رهيون آھن زميندار طبقو فاقه ڪشي تي مجبور ٿي ويو آھي آئون پنهنجي تڪ جي عوام جو معاشي قتل نٿو ڏسي سگهان. اهڙو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته منهنجو جيئڻ مرڻ عوام سان گڏ آھي عوام جي حقن تي ڪابه سوديبازي نه ڪبي، مسلسل ٿيندڙ پاڻي جي کوٽ ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. هن ٻڌايو ته جمع تي سجاول ضلعي جي تعلقن جاتي شاهبندر ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف ٺٽو سجاول روڊ بئراج موري وٽ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڻي نه ملڻ ڪري جاتي ۽ شاهبندر ۾ انسان توڙي جانور اڃ وگهي تڙپي رهيا آھن جاتي شاهبندر ۽ کارو ڇاڻ ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيندي پئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو