اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو اهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان لاءِ واپار وڏي اهميت رکي ٿو، افغاستان جو پرامن حل سڀني لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ انتشار جي صورت ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيندو.پاڪستان ۽ تاجڪستان ۾ مختلف معاهن تي صحيحن واري تقريب ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان به موجود هئا. واپار، سرمائيڪاري، توانائي، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون.ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته افغانستان ۾ انتشار سان پاڪستان ۽ تاجڪستان متاثر ٿيندا. واپار، سرمائيڪاري، توانائي، ثقافت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون جاري رهندو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪريون ڇو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل چيلنجن کي منهن ڏيڻو آهي. پاڪستان ۽ تاجڪستان ۾ واپار وڏي اهميت رکي ٿو. جڏهن ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ انتشار جي صورت ۾ دهشتگردي ۾ اضافو ٿيندو.ٻنهي ملڪن جي لاءِ ضروري آهي ته افغان مسئلو سياسي طور تي حل ٿئي. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي لاءِ موسمي تبديلي هڪ چيلنج آهي. هن چيو ته بارت کي والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ وارا قدم واپس وٺڻ گهرجن. ڇو ته 5 آگسٽ جا قدم واپس وٺڻ کان سواءِ ڀارت سان لاڳاپا بهتر نٿا ٿي سگهن. افغانستان جو پرامن حل سڀني جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام کي دهشتگردن سان جوڙيو ويندو آهي ۽ اسلام فوبيا سبب دنيا کي اسلام جي حقيقت کان پري ڪيو پيو وڃي اسلام فوبيا جي خلاف عالمي ليول تي آواز اٿارينداسين.تقريب کي خطاب ڪندي تاجڪ صدر امام علي رحمان چيو ته وزياعظم عمران خان سان ملاقات خوشگوار رهي ۽ اسان ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتر لاڳاپن سميت ٻين معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي مختلف شعبن ۾ ياداشتن تي صحيحون خوشي جوڳو قدم آهي. هن چيو ته تاجڪستان پاڪستان سان واپاري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ۽ پاڪستان ڪروونا صورتحال دوران بهترين قدم کنيا .تاجڪ صدر امام علي رحمان خطي ۾ امن جي لاءِ ڪيل ڪوششن تي پاڪستان جي تعريف ڪئي. امام علي رحمان چيو ته گوادر منصوبو اهميت جوڳو آهي ۽ جغفرافيائي حوالي سان پاڪستان خطي جو اهم ملڪ آهي. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سمورن ملڪن کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.
Previous article










