پاڪستاني فيشن برانڊز آمريڪا ۾ دستياب آهن: نيٽلي بيڪر

پاڪستاني فيشن برانڊز آمريڪا ۾ دستياب آهن: نيٽلي بيڪر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر چيو آهي ته پاڪستاني فيشن برانڊز هاڻي آن لائن پليٽ فارمن جي ذريعي آمريڪي واهپيدارن (صارفين) تائين پهچي رهيا آهن.اسلام آباد ۾ پاڪ آمريڪا ثقافتي شراڪتداري بابت تقريب کي خطاب ڪندي نيٽلي بيڪر چيو ته آمريڪي فيشن پڻ پاڪستان ۾ دستياب آهي. هن چيو ته فيشن، فن ۽ ثقافت نوجوان نسل کي جوڙڻ ۽ لاڳاپن کي نئين رخ ڏيڻ جو هڪ اثرائتو ذريعو بڻجي رهيا آهن. آمريڪي ناظم الامور اهو به چيو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپا هن وقت پنهنجي بلند ترين سطح تي آهن، پاڪ آمريڪا شراڪتداري سفارتڪاريءَ کان وڌي ڪاروبار، معيشت، ثقافت ۽ فيشن تائين ڦهلجي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو