ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان وضاحت ڪئي آهي ته 9 بئنڪن تي سائبر حملي، رقم ڪڍرائڻ ۽ ڊيٽا چوري ڪرڻ وارن خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي. مرڪزي بينڪ پنهنجي بيان ۾ اهڙي اطلاعن جي ترديد ڪئي ۽ واضِح چيو ته سائبر حملن بابت مرڪزي ترجمان عابد قمر جو حوالو ڏئي هلايل خبرون ڪوڙيون آهن. بيان ۾ هي به چيو ويو آهي ته پاڪستان جو بئنڪنگ سسٽم محفوظ آهي ۽ نيشنل بينڪ کان علاوه ڪنهن به ٻئي بينڪ تي سائبر حملي جو ڪو اطلاع ناهي مليو، نه ئي ڪٿان رقم ڪڍرائڻ يا ڊيٽا چوري ٿيڻ جي خبر ملي آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بينڪ صورتحال جي نگراني ڪري رهي آهي، اهڙي ڪا به معلومات يا تازه صورتحال اسٽيٽ بينڪ جي سرڪاري ذريعي سان ئي جاري ڪئي ويندي.










