پاڪستان   ۾ ڪورونا جي شرح 3 سيڪڙو رڪارڊ

پاڪستان ۾ ڪورونا جي شرح 3 سيڪڙو رڪارڊ

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 3 سيڪڙو جي ويجهو پهچي وئي آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 2.80 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. اين آءِ ايڇ موجب هڪ ڏينهن ۾ 16 هزار 419 ڪووڊ ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 459 ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب ڪو به فوتگي جو اطلاع ناهي مليو، جڏهن ته 163 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو