پاڪستان ۾ پوليس جو کاتو ڪرپشن ۾ پهرين نمبر تي آهي: ٽرانسپيرنسي

پاڪستان ۾ پوليس جو کاتو ڪرپشن ۾ پهرين نمبر تي آهي: ٽرانسپيرنسي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سروي موجب پاڪستان اندر ڪرپشن ۾ پوليس کاتو پهرين نمبر تي آهي.ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان ۾ ڪرپشن تي عوامي سروي جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب پاڪستان ۾ پوليس جو کاتو ڪرپشن ۾ پهرين نمبر تي آهي.سروي موجب عوام ٽينڊرنگ ۽ ٺيڪيداري جي نظام ۾ هيرا ڦيري کي ٻيون نمبر ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته عوامي راءِ موجب بدعنواني ۾ انصاف جي نظام کان سواءِ تعليم کاتو چوٿين نمبر تي آهي.ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تازي ٻوڏ دوران ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امداد ۾ به ڪرپشن ٿي آهي جنهن کان پوءِ عوام ڪرپٽ ماڻهن کي عمر قيد سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سرڪاري آفيسر، سياستدان ۽ ججز پنهنجا اثاثا ظاهر ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو