واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته پاڪستاني حڪومت سماجي شعبي جا نوان هدف مقرر ڪري ڇڏيا آهن، هلندڙ سال مهانگائي 20 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي ستين ۽ اٺين جائزي جي رپورٽ ۾ چيو آهي ته وڌندڙ مهانگائي سبب ملڪ ۾ احتجاج ٿي سگهي ٿو، اتحادي حڪومت کي پارليامينٽ ۾ ڪمزور اڪثريت حاصل آهي.آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان جي قرض پروگرام جي مدي ۾ جون 2023 تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان ضروري پرڏيهي فنانسنگ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.عالمي مالياتي فنڊ جي رپورٽ موجب پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو اڍائي سيڪڙو تائين ٿي سگهي ٿو، مالي سال جي آخر ۾ جي ڊي پي جي قرضن جو تناسب 72.1 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، هلندڙ سال معاشي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته بجيٽ خسارو جي ڊي پي جي 4.4 سيڪڙو تي رهڻ جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان قرض پروگرام جي شرطن تي عمل ناهي ڪيو، پاڪستان 3 ڪارڪردگي جون شرطون پوريون نه ڪيون.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان 7 اسٽرڪچرل شرطن تي عمل نه ڪيو، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۽ بنيادي بجيٽ خساري سميت 5 هدف پورا نه ڪيا ويا، جڏهن ته پاڪستاني حڪومت توانائي شعبي لاءِ نوان شرط رکيا آهن.آءِ ايم ايف جي نظرثاني رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي پوزيشن غير مستحڪم، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو وڌي ويو، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا ۽ رپئي جي قدر ۾ نمايان گهٽتائي ٿي.پاليسي سڌارن جي باوجود، قرض پروگرام غير معمولي خطرن کي منهن ڏئي ٿو، گذريل سال جي سخت سياسي ماحول دوران ڪيترن ئي واعدن ۽ هدفن تي عمل نه ڪيو ويو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي.آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان طرفان فيول سبسڊي ختم ڪئي وئي، تيل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي.رپورٽ ۾ آءِ ايم ايف چيو آهي ته خوراڪ ۽ ايندھن جي عالمي قيمتن ۾ واڌ سبب پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ نمايان اضافو ٿيو، پاڪستاني حڪومت مالياتي شعبي ۾ استحڪام لاءِ قدمن جو يقين ڏياريو آهي.رپورٽ موجب آءِ ايم ايف سوشل سڪيورٽي ۽ توانائي جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته مارڪيٽ جي بنياد تي مٽاسٽا جي شرح برقرار رکڻ تي زور ڏنو آهي.نظرثاني رپورٽ موجب آءِ ايم ايف ٽيڪس روينيو وڌائڻ ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن تي زور ڏنو آهي.آءِ ايم ايف پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب مالي سال 2022 دوران پاڪستان ۾ معاشي سرگرميون مضبوط رهيون، حڪومت قرضن جي پروگرام کي ٽريڪ تي آڻڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، جن ۾ بنيادي سرپلس تي ٻڌل بجيٽ ۽ سود جي شرح ۾ نمايان اضافو شامل آهي.










