اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ هڪ آئوٽ لک جاري ڪيو آهي جنهن موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح گذريل 6 مهينن دوران 12 کان 21 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي.ايشيائي ترقياتي بئنڪ جنوري کان جون لاءِ معاشي ڊيٽا جاري ڪندي چيو آهي ته مهانگائي ۽ عالمي معاشي حالتون ايشيا تي اثرانداز ٿي سگهن ٿيون.رپورٽ موجب گذريل 6 مهينن دوران پاڪستان ۾ مهانگائي 12 کان 21 سيڪڙو تائين وڌي وئي، جڏهن ته سريلنڪا ۾ مهانگائي 14 مان وڌي 45 سيڪڙو ۽ ڀارت ۾ مهانگائي 5.7 مان وڌي 7 سيڪڙو ٿي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بنگلاديش ۾ افراط زر جي شرح 6.1 کان 7.4 سيڪڙو تائين وڌي وئي، چين ۾ 1.5 کان 2.5 سيڪڙو تائين ۽ ٿائلينڊ ۾ 2.2 کان 7.7 سيڪڙو تائين وڌي وئي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گذريل 6 مهينن ۾ پاڪستان ۾ منافعي جي شرح ۾ 5.25 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته سريلنڪا ۾ 9.5 سيڪڙو، ڀارت ۾ 0.9 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ 0.7 سيڪڙو اضافو ٿيو.










