ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀني کان وڏو چور عمران خان نيازي آهي، هو ٻڌائي ته بي آر ٽي پشاور تي اسٽي آرڊر ڇو ورتو؟ صوبائي وزير چيو ته بي آر ٽي پشاور تي سي ايم آئي ٽي رپورٽ ۾ 7 ا رب روپيا وصول ڪرڻ جون شاهديون مليون هنيون، نيب ترميمن کي چئلينج ڪرڻ کان پهرين عمران خان پنهنجا اسٽي آرڊر ختم ڪرائي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪيون ٿا ته اسٽي آرڊر ختم ڪيا وڃن ۽ ايف آئي اي ۽ نيب کان پشاور بي آر ٽي، مالم جبه ۽ بلين ٽري سونامي اسڪينڊلز جي جانچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آئي جو فارن فنڊنگ ڪيس کي ڊگھو ڪرڻ وارو طريقو انهن جي گناھ کي ثابت ڪري ٿو. صوبائي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ کي گذارش ڪيون ٿا ته ثاقب نثار جي دور ۾ عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏيڻ واري معاملي جي ٻيهر ميرٽ جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪي پي ۾ پهرين مئي کان 10 جون تائين ٻيلن ۾ 454 باھ لڳڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا ، جنهن ۾ بلين ٽري سونامي جو 488 ايڪڙ رقبو سڙي ويو. پي ٽي آئي پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ ٻيلن ۾هٿرادو باھ لڳائي. صوبائي وزير چيو ته نيب کان سڀ کان وڏو اين آر او عمران خان پنهنجا اسڪينڊلز لڪائڻ لاءِ ورتو. عمران خان پنهنجي دور ۾ نيب قانونن ۾ ترميم ڪري کنڊ، ڪڻڪ، پيٽرول، ايل اين جي ۽ دوائن جي اسڪينڊلز مان پنهنجي ۽ پنھنجي حوارين جي جان ڇڏرائي. شرجيل انعام ميمڻ عمران خان کي نيب ترميم تي مناظري لاءِ اوپن چئلينج ڏيندي چيو ته اهي ترميمون عمران خان پاڻ کي ۽ پنهنجي حوارين کي بچائڻ خاطر ڪيون. صوبائي وزير چيو ته عمران خان جيڪڏهن واقعي ايماندار آهي ته بني گالا جي فرنٽ وومين فرح گوگي کي سامهون آڻي، فرح گوگي جي وڪالت عمران خان لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي،فرح گوگي کي ملڪ مان فرار ڪرائڻ سان سندس چوري 100 سيڪڙو ثابت ٿئي ٿي. هن چيو ته دوست ملڪن جون گھڙيون وڪڻڻ ۽ توشه خاني ۾ ڌاڙا هڻڻ جو احتساب جلد ٿيندو. پي ٽي آئي حڪومت جي ڪرپشن جون شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن عمران خان ۽ سندس ويجھا ساٿي سرپرائيز جو انتظار ڪن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ملڪ جي اهم ادارن جي خلاف سازشون ڪري رهيو آهي ائين لڳي رهيو آهي ھن ۾ نريند مودي جو روح اچي ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ واضع ڪيو ته اسان قومي ادارن جي خلاف سازش کي ملڪ جي خلاف سازش سمجھون ٿا. عمران خان جنهن پليٽ ۾ کائيندو آهي ان ۾ ئي سوراخ ڪندو آهي.










