اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي معاهدو دير ٿي ويو آهي.ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ڪالهه نه ٿيون هيون ۽ هاڻي ڳالهيون 2 مارچ تي ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو بجلي جي بلن جي روڪيل وصولي کانپوءِ شروع ٿيندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته قرض پروگرام جي بحالي لاءِ آءِ ايم ايف جون ڪيتريون ئي شرطون لاڳو ڪرڻيون پونديون، جنهن تحت حڪومت کي سيلز ٽيڪس ۾ واڌ ۽ مانيٽري پاليسي ۾ واڌ جو به اعلان ڪرڻو پوندو.ذريعن موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس 16 بدران 2 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ مانيٽري پاليسي ڪميٽي سود جي شرح ۾ واڌ جو جائزو وٺندي ۽ ڪميٽي جي فيصلي بابت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول جو معاهدو 9 فيبروري تي ٿيڻو هو، جيڪو هاڻي مارچ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.










