اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف ٽيڪس مقصدن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.ذريعن ٻڌايو ته عوام تي هن سال وڌيڪ ٽيڪس جو بوجھ نه رکيو ويندو 30 جون 2021 تائين 4هزار 963 ارب رپين جو ٽيڪس هدف برقرار رکيو ويندو،ٽيڪس جي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ انتظامي ۽ لاڳو قدم کنيا ويندا.موجوده مالي سال جي پهرين اڌ تائين وصولي جو هدف حاصل ڪيو ويندو.پنجن مهينن ۾ ايف بي آر مقرر ڪيل ٽيڪس هدف حاصل ڪيو آهي۽ ايف بي آر جي ٽيڪس جمع ڪرڻ جي حد کان وڌيڪ آهي.ايف بي آر مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ 1هزار773 ارب روپين جي مجموعي آمدني گڏ ڪئي آهي. ذريعن موجب جولاءِ کان نومبر تائين 1هزار688 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو ويو آهي.










