اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح رڳو 0.50 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ رڳو 54 وڌيڪ ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 36 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 620 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 73 هزار 26 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 10 هزار 876 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 6 لک 29 هزار 266 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.










