پاڪستان: ڪورونا جا وڌيڪ 55 ڪيس رپورٽ ٿيا، فوتگي ناهي ٿي

پاڪستان: ڪورونا جا وڌيڪ 55 ڪيس رپورٽ ٿيا، فوتگي ناهي ٿي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح رڳو 0.60 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 55 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 22 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 620 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 73 هزار 81 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 هزار 117 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 6 لک 38 هزار 383 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو