چيف اليڪشن ڪمشنرکي هٽايو، خميس تي احتجاج جو اعلان

چيف اليڪشن ڪمشنرکي هٽايو، خميس تي احتجاج جو اعلان

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊالر جو ڪرائسز آيل آهي، ايمرجنسي لڳائڻ گهرجي ته جيئن ڊالر ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي نيشنل ڪائونسل اجلاس کي خطاب دوران هن چيو ته ملڪ تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي ۽ حڪمران ٽهڪ ڏيڻ ۾ پورا آهن هن چيو ته اسان جي دور ۾ عالمي منڊي ۾ تيل مهانگو هو پر اسان سستو وڪرو ڪيو ۽ هاڻي تيل جا عالمي اگهه گهٽيا آهن پر اسان وٽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي هن چيو ته ملڪ ۾ اڄ مهانگائي سبب عوام پريشان آهي، خبر ناهي ته مهانگائي مارچ ڪرڻ وارا اڄ ڪٿي آهن. هن چيو ته خيبر پختونخواه ۽ پنجاب اسيمبلين مان اليڪشن ڪميشن جي نئين س جوڙجڪ ۽ موجوده چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي هٽائڻ جا ٺهراءَ پاس ڪيا آهن، جنهن بعد سندن عهدن تي رهن جو جواز ناهي. هن چيو ته اسان وڏي محنت ڪري اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون آڻڻ گهريون پر چيف اليڪشن ڪمشنر رڪاوٽ بڻيو. هن چيو ته موجوده اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊون ڪرائڻ جي مجاز ناهي. هن خميس 4 آگسٽ تي اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاجي مظاهري جو به اعلان ڪيو. ياد رهي ته 8 سالن کان عمران خان ۽ سندس پارٽي خلاف پابندي مڙهيل پرڏيهي فنڊ وصول ڪرڻ بابت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ڪيل آهي جيڪو ڪنهن به وقت اچي سگهي ٿو ۽ ان سلسلي م ڪميشن مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ احتجاج ڪيو پيو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ موجوده ميمبر عمران خان جي هڪومت پاڻ مقرر ڪيا هئا. کين هٽائڻ لاءِ آئيني طريقو اهو ئي آهي جيڪو هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس جج کي هٽائڻ جو آهي. يعني سپريم جڊيشل ڪائونسل م ريفرنس موڪلڻ جو.

پهنجو تبصرو موڪليو