اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان 12 ربيع الاول تي والاريل ڪشمير ۾ جلوسن تي پابندين جي مذمت ڪندي فوري قلم 144 جي پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ترجمان جاري ڪيل بيان م چيو آهي ته ڀارتي قابض فوجن حضرت بل ۽ ٻين مقدس جاين ۽ سجدن طرف ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ مبارڪ موقعي جي مناسبت سان نڪتل جلوسن کي جبري طور روڪيو ويوآهي، حالانڪ ڪشميري ڀرپور نموني هي ڏينهن ملهائيندا آهن. ترجمان چيو ته ولادت رسول پاڪ جن جو جشن ملهائڻ تي پابندين سان لڳي ٿو ته مسلمانن جي جذبن جو احترام نٿو ڪيو وڃي ۽ اها بنيادي انساني هقن جي خلاف ورزي آهي. هن مطالبو ڪيو ته عالمي برادري ان جو نوٽيس وٺي گڏيل قومون ۽ انساني حقن جا ادارا ڪشميرين جي مذهبي ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺن. هن چيو ته 14 هفتن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود 80 لک ڪش،يري 9 لک ڀارتي فوج وٽ قيد آهن. هن چيو ته سڀني گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي، ڪرفيو ختم ڪري مواصلاتي پابنديون هٽايون وڃن. عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي نمائندن کي جائزي لاءِ اجازت ملڻ گهرجي.










