پاڪستان وٽ 20 ڏينهن جو پيٽرول بچيو آهي: مصدق ملڪ

پاڪستان وٽ 20 ڏينهن جو پيٽرول بچيو آهي: مصدق ملڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ پيٽروليم شين جو ذخيرو ڪري مصنوعي بحران پيدا ڪندڙن کي سخت نتيجا ڀوڳڻ لاءِ خبردار ڪيو آهي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ڪا به کوٽ ناهي، اسان وٽ پيٽرول جو 20 ڏينهن ۽ ڊيزل جو 29 ڏينهن جو اسٽاڪ موجود آهي،مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ جو سبب ذخيره اندوزي آهي،هن چيو ته پيٽروليم شين جي ذخيره اندوزي ڪندڙن کي چوان ٿو ته اڄ بند ڪيو، ٻي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، جيڪو به ذخيره اندوزي ۾ ملوث هوندو ان جو لائسنس رد ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو