پاڪستان نيوي، پي ايم ايس اي ۽ اي اين ايف جو سمنڊ ۾ آپريشن

پاڪستان نيوي، پي ايم ايس اي ۽ اي اين ايف جو سمنڊ ۾ آپريشن

ڪراچي: (پ ر ) پاڪستان نيوي، پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي (پي ايم ايس اي) ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) اتر عربي سمنڊ ۾ گڏيل انٽيليجنس بيسڊ ڪائونٽر نارڪوٽڪس آپريشن دوران 3 ارب رپين جي منشيات هٿ ڪري ورتي. گرفتار ڪيل اسمگلر ۽ قبضي ۾ آيل منشيات کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اي اين ايف حوالي ڪيو ويو آهي.پاڪستان نيوي، پي ايم ايس اي ۽ اي اين ايف پاران نارڪوٽڪس خلاف ڪامياب گڏيل آپريشن، پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ غير قانوني سرگرمين کي رد ڪرڻ ۽ اسان جي پاڻي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ميري ٽائيم قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ڪوششن کي همٿائڻ جي عزم کي ورجايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو