واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا مثالي بڻائڻ چاهين ٿا.پريس بريفنگ ۾ نيڊ پرائس چيو ته پاڪستان سان توانائي، زرعي آلات ۽ ٻين شعبن ۾ واپار کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ اسان جي سيڙپڪاري هڪ سال ۾ لڳ ڀڳ پنجاهه سيڪڙو وڌي وئي آهي.پريس بريفنگ ۾ نيڊ پرائس چيو ته طالبان کي گهرجي ته داعش، ٽي ٽي پي ۽ ٻيا خطي جي امن کي خراب نه ڪن.هن وڌيڪ چيو ته افغان طالبان پنهنجا واعدا پورا ڪن.










