اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف 70 کان وڌيڪ آذربائيجاني فوجين جي مارجڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پيغام جاري ڪندي وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر سان افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آرمينيا جي بلا اشتعال حملي ۾ 70 کان وڌيڪ آذربائيجاني فوجين جي مارجڻ جي خبر افسوسناڪ آهي، پاڪستاني عوام پنهنجي ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار ۾ گڏ بيٺل آهي.هن وڌيڪ لکيو ته پاڪستان پنهنجي علائقائي سالميت جي دفاع جي آذربائيجان جي حق جي حمايت ڪري ٿو.










