اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ 9 مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ ڪورونا ويڪسين جون 10 ڪروڙ خواراڪون ماڻهن کي ڏنيون ويون آهن. صحت بابت وزيراعظم جي مشير ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ آهي ته 6 ڪروڙ 80 لک ماڻهن کي پهرين خوراڪ لڳي چڪي جڏهن ته 3 ڪروڙ 80 لک ماڻهن ؛ي ٻئي خوراڪون لڳي چڪيون آهن. هن چيو ته 10 لک خوراڪون روز ڏيڻ جي وزيشن ۾ آهيون ۽ جلد قوم کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي. هن عوام ۽ سمورن سرڪاري ادارن جا ٿوراس مڃيا جن هن وڏي ڪم ۾ ڪردار ادا ڪيو.










