پاڪ فوج قومي سلامتيءَ تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي: فارميشن ڪمانڊرز

پاڪ فوج قومي سلامتيءَ تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي: فارميشن ڪمانڊرز

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ پيشيوراڻي معاملن ۽ قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز تي بريفنگ ڏني وئي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني وئي آءِ ايس پي آر موجب فورم اداري ۽ سماج ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ واري مهم جو نوٽيس ورتو. فارميشن ڪمانڊر موقف اختيار ڪيو ته ان پروپيگنڊا جو مقصد معاشري ۽ ادارن ۾ خليج پيدا ڪرڻ آهي، پاڪستان جي قومي سلامتي سڀ کان اهم آهي فارميشن ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پاڪ فوج هر وقت رياستي ادارن سان گڏ بيٺل رهندي. فارميشن ڪمانڊر آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ فوجي قيادت جي فيصلن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ قانون جي بالادستي لاءِ فوجي قيادت جي بهترين فيصلن جي هر قيمت تي حمايت ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪ فوج پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي، پاڪ فوج هر حالت ۾ هر قسم جي اندروني ۽ بيروني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جو دفاع ڪندي فارميشن ڪمانڊرز جي اهم ترين اجلاس ۾ پاڪ فوج پاران واضح پيغام ڏنو ويو ته فوج آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪندي، چاهي ڪجهه به ٿي وڃي، فوج قومي سلامتي تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي. آرمي چيف فارميشن جي اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ميڪنزم کي ساراهيو ۽ فارميشن جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو