پاڪ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاران بدين جو دورو

پاڪ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاران بدين جو دورو

بدين(ن سنڌيار) پاڪ آمريڪن بزنس ڪائونسل جي وفد جو بدين جي برسات سٽيل علائقن جو دورو 24 پمپ مشينون ڏنيون وڌيڪ مالي سهائتا جو اعلان تفصيل موجب آمريڪن بزنس ڪائونسل جي هڪ وفد سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جي ڊي اي جي پارلياماني اڳواڻ بئريسٽر حسنين مرزا سان گڏجي بدين شهر ۾ برسات کان سخت متاثر علائقن حاجي هاشم خاصخيلي ڳوٺ شهباز ڪالوني اتفاق ڪالوني اولڊ مساڻ پاڙو گواريا پاڙو سول اسپتال پاڙو ڦل کاڻ وارن علائقن کان علاوه درسگاهن سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس اسلاميه ڪاليج او پي ايف اسڪول جو دورو ڪيو علائقي واسين جا مسئلا معلوم ڪيا ان ڏس وفد ۾ شامل 64 کان مٿي پاڪ آمريڪن ڪمپنين سرمائيدارن جي گروپ پاڪ آمريڪا بزنس ڪائونسل جي ميمبرن سارہ عرفان خرم ايم قمر جو چوڻ آهي ته ايم پي اي بئريسٽر حسنين مرزا جي نشاندهي تي بدين پهتا آهيون علائقي جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿيو ته برسات بعد رهواسين سان مسئلا آهن تنهن ڪري اسان پنهنجي طرفان 24 واٽر پمپ مشينون فراهم ڪيون آهن وڌيڪ جيڪا مدد پهتي ڪنداسين ان سان گڏ هتان جي رهواسين کي پيش ايندڙ مسئلن بابت پڻ هر فورم تي آواز اٿاريو ويندو ان موقعي تي ايم پي حسنين مرزا جو چوڻ هو ته هميشه جيان مرزا خاندان هڪ ڀيرو وري مشڪل وقت بدين جي عوام سان گڏ آهي هتان جي عوام جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي هن چيو ته وفاقي وزيرن تي مشتمل ڪميٽي هتي اچڻ بعد فوٽو سيشن ڪرائي واپس هلي وئي عوام کي ڪوبه رليف فراهم نه ڪيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو