دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) دادو ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن پاران پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاء ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن يونس اۡتيرو، شفيع محمد سومرو، عشرت لنڊ، عائشه پنهور، حۡسنه لنڊ، زبيده پنهور ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاپوليشن کاتي جي ملازمن جا جائز مطالبا آهن جيڪي تسليم ڪيا وڃن اڳواڻن چيو ته سول اسپتالن ۾ او پي ڊي ۾ ڊيوٽيز نامنظور، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي نان ڪيڊر پوسٽن تان نان ڪيڊر ملازمن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪريون ٿا، مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ٽي اي ڊي اي ۽ وردي الائونس جاري ڪيو وڃي، ڊرائيور، نائب قاصد، چوڪيدار کي مراعتون ڏنيون وڃن، ڪانٽريڪٽ ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي، اپگريڊيشن، ٽائيم اسڪيل، سوشل ميل موبلائيزرن کي هاء ڪورٽ جي ۡحڪم موجب 11 اسڪيل ڏنو وڃي، ايل ڊي سي، يو ڊي سي، ايف ڊبليو ڊبليو ۽ ايس اي ڪيڊر جي ملازمن کي کاتي ۾ سهولتون مهيا ڪيون وڃن، مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته ڊپٽي ڪمشنر دادو جي آفيس اڳيان پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاء 15 ڏينهن بعد ڌرڻو هنيو ويندو.










