اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس طارق مسعود پاناما ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پاناما ڪيس مختلف آهي، 436 ماڻهن مان رڳو هڪ خاندان کي الڳ ڪري ڪيس هليو ويو.سپريم ڪورٽ ۾ پاناما اسڪينڊل ۾ ملوث 436 ماڻهن خلاف جاچ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جسٽس طارق مسعود رمارڪس ڏيندي چيو ته پاناما ڪيس الڳ معاملو آهي، 436 ماڻهن مان رڳو هڪ خاندان الڳ هو ۽ ڪيس هليو ويو. ڪيو ويو.جسٽس طارق مسعود چيو ته هو ڪجهه چوڻ نٿا چاهين، پر ڇا ٿيو جو 24 ٻڌڻين کانپوءِ هڪ خاندان کانسواءِ باقي سمورن ماڻهن جا ڪيس الڳ ٿي ويا؟ جسٽس امين الدين خان چيو ته هتي ويٺي دل گهڻيون ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي پر چئي نٿو سگهان.ان دوران جسٽس طارق مسعود جماعت اسلامي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جو مقصد رڳو هڪ خاندان خلاف ڪيس هلائڻ آهي؟ ايف بي آر، ايف آءِ اي، نيب ۽ اسٽيٽ بئنڪ ته آهن، ڇا رياستي ادارن کي بند ڪري سڀ ڪم سپريم ڪورٽ ڪرڻ گهرجن؟ ان تي جماعت اسلامي جي وڪيل راجا اشتياق چيو ته جاچ ادارن جو حال اهو آهي ته نوٽيس 3 سال اڳ ڏنو ويو هو ۽ اڃا تائين ڪو به جواب ناهي مليو.بعد ۾ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










