لاهور (ويب ڊيسڪ): لاهور هاءِ ڪورٽ پارڪنسن جي مرض ۾ مبتلا جوابدار ڊاڪٽر جي گرفتاري کانپوءِ واري درخواستِ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس امجد رفيق هڪ اهم عدالتي نظير قائم ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته ضابطه فوجداري جي دفعي 497 تحت “جسماني ڪموري” ضمانت جو هڪ مستقل ۽ خودمختيار قانوني بنياد آهي، جيڪو رڳو ڪنهن بيماري تائين محدود ناهي. عدالت واضح ڪيو ته جيل جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ جيڪڏهن جسماني ڪموري ثابت ٿي وڃي ته عدالت بيماريءَ جي شدت يا نوعيت کي جانچڻ کان سواءِ به ضمانت ڏئي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته انساني وقار، توازن ۽ برابري جا اصول ضمانت جي فيصلن ۾ سڀ کان مقدم آهن. جسٽس محمد امجد رفيق پاران جاري ڪيل 11 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ٿيل فيصلي موجب، لاهور جي سبزہ زار ٿاڻي تي هڪ ٻار جي طهر (ختني) دوران مبينا طبي غفلت جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل ڊاڪٽر افتخار احمد جي ضمانت منظور ڪئي وئي. عدالت چيو ته جيل جي ميڊيڪل رپورٽ مان ثابت ٿئي ٿو ته جوابدار پارڪنسن جهڙي دماغ جي بتدريج وڌندڙ مرض ۾ مبتلا آهي ۽ هو هلڻ ڦرڻ، ڳالهائڻ توڙي روزاني جا معاملا پورا ڪرڻ لاءِ ٻين جي مدد جو محتاج آهي. عدالت وڌيڪ چيو ته جيلن ۾ غير معياري خوراڪ، صفائي جي خراب صورتحال، هجوم ۽ ذهني دٻاءُ جسماني ڪموري کي وڌيڪ تيز ڪندا آهن، ان ڪري انصاف جو تقاضا آهي ته ڪمزور ۽ معذور ماڻهن کي غير ضروري جسماني تڪليف کان بچايو وڃي. عدالت جوابدار کي 10 لک رپين جي مچليڪن عيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي ته هو ڪيس جي شاهدن تي اثرانداز نه ٿيندو ۽ عدالت جي اجازت کان سواءِ ملڪ مان ٻاهر نه ويندو.










