پارليامين جمهوريت جو مضبوط بنياد ۽ عوام جي آواز آهي، ناصر شاهه

پارليامين جمهوريت جو مضبوط بنياد ۽ عوام جي آواز آهي، ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي وارو وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پارليامين جمهوريت جو مضبوط بنياد ۽ پاڪستان جي ڪروڙين عوام جي حقيقي آواز آهي۔ هن اهي خيالات پارليامين جا 78 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم ۽ سڀني ميمبر پارليامينٽ کي مبارڪباد ڏيندي ظاهر ڪيا۔ توانائي وزير چيو ته 78 سال اڳ وجود ۾ آيل هي ادارو عوام جي حقن ۽ آئين جو ضمانت آهي، جنهن ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ آئيني تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ ناصر حسين شاهه پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جو پارليامين جي مضبوطي ۾ تاريخي ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان بلاول ڀٽو زرداري تائين پيپلز پارٽي سدائين پارليامين جي بالادستي ۽ جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد ڪئي آهي۔صوبائي وزير عزم جو اظهار ڪندي چيو ته جمهوريت جي استحڪام ۽ عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا۔ هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر پارليامين ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت جي رهنمائي هيٺ جاري آهي۔ساڳئي وقت، توانائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ڊاڪٽر رتھ فاؤ جي اٺين ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر رتھ فاؤ انسانيت سان بي لوث محبت ۽ قرباني جي علامت هئي۔ هن اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو پاڪستان ۾ جذام جي خاتمي لاءِ خدمتون انجام ڏنيون ۽ پنهنجي انتھڪ محنت سان پاڪستان کي دنيا جي انهن چند ملڪن ۾ شامل ڪرايو جتي جذام تي مڪمل طور تي ضابطو آندو ويو آهي۔ناصر حسين شاهه چيو ته ڊاڪٽر رتھ فاؤ جو قائم ڪيل ادارو “ماري ايڊليڊ لپروسي سينٽر” ۽ ٻيا منصوبا جذام فري پاڪستان جو خواب حقيقت بڻائي چڪا آهن۔ هن جي انتھڪ محنت، عزم ۽ خدمت جي بدولت هزارين ماڻهو صحتمند زندگي گذاري رهيا آهن۔ صوبائي وزير چيو ته حڪومت سنڌ ڊاڪٽر رتھ فاؤ جي مشن کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ صحت جي شعبي ۾ عوام کي بهتر ۽ جديد سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ قدم جاري رکندي۔ هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڊاڪٽر رتھ فاؤ جي ناقابل فراموش خدمتن تي هميشه فخر ڪندو ۽ هن جي زندگي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو