پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جون گڏيل ڪوششون جاري آهن: نقوي

پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جون گڏيل ڪوششون جاري آهن: نقوي

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جون گڏيل ڪوششون تيزي سان جاري آهن ۽ انشاالله هن ڀيري به اسان جي ڪوششن جا بهتر نتيجا سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي هائوس آف لارڈز جي ميمبر لارڈ ضمير چوڌري سان لنڊن ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران لارڈ ضمير چوڌري خطي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل علائقائي استحڪام لاءِ قابلِ تحسين ڪوششون ڪيون آهن. هن چيو ته حڪومت جي هاڪاري معاشي پاليسين جي ڪري پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ (انوينسٽمينٽ) جا موقعا وڌي رهيا آهن. ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ وسيع طريقا موجود آهن، اسان ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي آمد جو خيرمقدم ڪنداسين ۽ کين هر ممڪن انتظامي توڙي قانوني سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو