ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪ سرزمين پارٽي (پي ايس پي) جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پيپلز پارٽي ڌانڌليون ڪندي رهي. ڳالهائيندي پي ايس پي چيئرمين چيو ته ڪراچي ۾ 200 کان وڌيڪ يوسي چيئرمين مقرر ڪيا ويا آهن.هن چيو ته پيپلز پارٽي 14 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي، هن ڇا ڪيو آهي؟ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ ڇا ٿيو، سڀني کي خبر آهي. چيئرمين پي ايس پي چيو ته ڪراچي بدين، لاڙڪاڻو يا شڪارپور ناهي ته ساڳي ڳالهه چونڊن ۾ ورجائي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته گٽر ۾ ڪري مرڻ بدران پ پ پوليس جي گولين سان مرو.










