ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت جو لاش ھٿ، گهر وارن پاران زهر ڏيڻ جو الزام

ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت جو لاش ھٿ، گهر وارن پاران زهر ڏيڻ جو الزام

گهوٽڪي(ن س)گهوٽڪي ۾ ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت پرسرار نموني فوت ٿي وئي,وارثن زهر ڏئي مارڻ جو شڪ ظاهر, واقعي بعد پوليس ٻن جوابدارن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي,خبرموجب گهوٽڪي جي حسين ٻيلي روڊ تي بگي واه محلي واسي طلاق ياآفته ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت پرسرار نموني فوت ٿي وئي,جنهن جو لاش وارثن پاران لوڊر رڪشا تي کڻائي تعقلي اسپتال منتقل ڪرايو,جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو,ان موقعي تي مقتولا جي ڌي الزام هڻندي چيو ته سندس والده کي علي رضا,۽ عمران علي راجپوت پاران زهر ڏئي ماريو ويو آهي,هن چيو ته ڄاڻايل جوابدار مقتولا کي شادي ڪرڻ لاء تنگ ڪندا هئا شادي نه ڪرڻ تي زهر ڏني وئي آهي,هوڏانهن پوليس شڪ جي بنياد تي علي رضا ۽ عمران راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو آهي,پوليس موجب ته عورت طلاق ياآفته هئي جنهن پنهنجي مڙس کان طلاق ورتي هئي,مقتولا پنهنجي مائيٽن وٽ رهندي هئي وارثن جي بيانن مطابق جاچ ڪئي پئي وڃي,ٻئي پاسي فوتي ٽڪ ٽاڪر سميرا راجپوت پاران موت کان اڳ وڊيو بيان جاري ڪيو هو جنهن ۾ هن جو چوڻ هو ته علي رضا مون کي حراسان ڪري ٿو مون کي ڪجه به ٿيو ته ان جو زميوار علي رضا هوندو,اهڙي ريت ٽڪ ٽاڪر جي موت واري واقعي بعد سندس وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن,

پهنجو تبصرو موڪليو