ٽڪ ٽاڪ تان 65 لک پاڪستانين جا ويڊيو ڊليٽ

ٽڪ ٽاڪ تان 65 لک پاڪستانين جا ويڊيو ڊليٽ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مختصر ويڊيوز جي دنيا ۾ مقبول ترين ايپ ٽڪ ٽاڪ مختلف پاليسين جي ڀڃڪڙي سبب 73 لک اڪائونٽ بند ڪندي اپ لوڊ ڪيل ويڊيوز هٽائي ڇڏيا آهن. سڀ کان وڌيڪ آمريڪي صارفين جا 85 لک ويڊيو ڊليٽ ڪيا ويا آهن ٻئي نمبر تي پاڪستان آهي جنهن جا 65 لک ويڊيوز هٽايا ويا آهن. ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڊليٽ ڪيل اڪائونٽس عالمي صارفين جي تعداد جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهن. برازيل جا 61 لک، روس جا 37 لک ۽ اندونيشيا جي صارفين جا 27 لک ويڊيو ڊليٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو