واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي فيڊرل ڪورٽ مختصر ويڊيو شيئرنگ ايپ ٽڪ ٽوڪ تي پابندي وارو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي. چند ڏينهن اڳ چيني ايپ ٽڪ ٽوڪ جي مدر ڪمپني ڪولمبيا ۾ ڪيس داخل ڪيو هو. عدالت نومبر تائين پابندي وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي صدر 7 آگسٽ تي چيو هو ته چيني ايپس ذريعي آمريڪي شهرين جي ڊيٽا چيني حڪومت کي ڏني پئي وڃي ان ڪري ٽڪ ٽوڪ ۽ وي چيٽ پنهنجا آمريڪي اثاثا 45 ڏينهن ۾ وڪرو ڪري. جنهن بعد آمريڪا ۾ ٻنهي ايپس تي بندش وڌي وئي هئي.










