ٽيلڪ پائوڊر سبب ڪينسر، ڪمپني 5.5 ارب ڊالر ادا ڪرڻ لاءِ تيار

ٽيلڪ پائوڊر سبب ڪينسر، ڪمپني 5.5 ارب ڊالر ادا ڪرڻ لاءِ تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا جي وڏي ڪمپني جانسن اينڊ جانسن (J&J) اعلان ڪيو آهي ته اها پنهنجي بيبي پائوڊر ۽ ٻين ٽيلڪ تي ٻڌل شين سبب ٻچي داني (اوويرين) جي ڪينسر ٿيڻ بابت داخل ڪيل هزارين ڪيسن جي نبيري لاءِ اندازي موجب 5.5 ارب آمريڪي ڊالر ادا ڪندي. هي هڪ تاريخي ٺاهه آهي، جنهن سان گذريل ڏهاڪي کان ڪمپني کي درپيش تڪراري قانوني جنگ ختم ٿيڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن.
ڪمپني موجب هي ٺاهه لڳ ڀڳ 76 هزار دعوائن تي لاڳو ٿيندو، جن ۾ نيو جرسي جي وفاقي عدالت ۾ گڏيل طور هلندڙ ڪيس ۽ رياستي عدالتن ۾ داخل لاڳاپيل ڪيس شامل آهن. اهي تقريبن ڪمپني خلاف رهيل سڀئي ٽيلڪ سان لاڳاپيل دعوائون آهن. جانسن اينڊ جانسن اڳ ئي انهن اڪثر ڪيسن جو به نبيرو ڪري چڪي آهي، جن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته ان جي ٽيلڪ شين ۾ ايسبيسٽس موجود هو، جنهن سبب ميسوٿيليوما نالي ڪينسر پيدا ٿيو.
مدعين جي وڪيلن سومر تي ٺاهه جي تصديق ڪندي چيو ته ڏهه سالن تائين جاري رهندڙ عدالتي ويڙهه کان پوءِ هي مناسب حل آهي. البته، هي ٺاهه تڏهن ئي حتمي ٿيندو، جڏهن رياستي يا وفاقي عدالتن ۾ موجود اوويرين ڪينسر وارن 95 سيڪڙو دعويدار ان کي قبول ڪندا.
جانسن اينڊ جانسن جي نائب صدر براءِ قانوني معاملن ايرڪ هاس چيو ته ڪمپني جو موقف آهي ته اهي دعوائون “بي بنياد” آهن، پر پوءِ به معاملي کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ خاطر ٺاهه ڪرڻ تي راضي ٿي آهي.
هن چيو، “اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن ڪيس هلندا رهن ها ته آخرڪار ڪمپني کي ئي ڪاميابي ملي ها، جيئن هن وقت تائين اڪثر مقدمن ۾ ٿيو آهي. پر هي ٺاهه ڪمپني کي هي معاملو ختم ڪري پنهنجي بنيادي مقصد، يعني زندگيون بچائيندڙ دوائن ۽ طبي اوزارن جي تياري تي ڌيان ڏيڻ جو موقعو ڏئي ٿو.”
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اها 2027ع ۾ 3 ارب ڊالر ادا ڪندي، جڏهن ته باقي ادائيگيون 2028ع دوران ڪيون وينديون. البته، جيڪڏهن وڌيڪ ماڻهو ٺاهه ۾ شامل ٿيندا ته مجموعي رقم ان کان به وڌي سگهي ٿي.
ٽيلڪ ڪيسن ۾ لڳ ڀڳ 2,500 مدعين جي نمائندگي ڪندڙ وڪيل ڪرس سيگر، جنهن ٺاهه جي ڳالهين ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، چيو ته آخرڪار جانسن اينڊ جانسن کي 7 ارب ڊالر يا ان کان وڌيڪ به ادا ڪرڻا پئجي سگهن ٿا. سندس چوڻ موجب ٺاهه تحت اوويرين ڪينسر جي اهل دعوائن لاءِ مخصوص رقم مقرر ڪئي وئي آهي، پر ڪمپني جي مجموعي ادائيگيءَ جي ڪا حد مقرر نه ڪئي وئي آهي.
هن چيو، “اسان هڪ منصفاڻو ٺاهه حاصل ڪيو آهي ۽ اسان جا گراهڪ ان تي مطمئن هوندا.”
عدالتي ڪاميابين کان پوءِ ٺاهه
جانسن اينڊ جانسن اهو ٺاهه ان وقت ڪيو، جڏهن کيس عدالتن مان هڪ کان پوءِ ٻي اهم ڪاميابي ملي. انهن ۾ انفرادي مقدمن ۾ فتح، مدعين جي ڪجهه وڪيلن کي ڪيس مان الڳ ڪرائڻ ۾ ڪاميابي، ۽ اهڙن ماهرن خلاف عدالتي فيصلا شامل هئا، جن جي شاهدي تي مدعي پنهنجا ڪيس ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.
ڪمپني 2020ع ۾ آمريڪا اندر ٽيلڪ تي ٻڌل بيبي پائوڊر جي وڪرو بند ڪري، ان جي جاءِ تي مڪئي جي نشاستي (ڪارن اسٽارچ) تي ٻڌل پراڊڪٽ متعارف ڪرائي هئي.
هي قانوني ڪارروائي مارچ 2025ع ۾ ٻيهر شروع ٿي، جڏهن ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين معطل رهڻ بعد ڪمپني جي نام نهاد “ٽيڪساس ٽو اسٽيپ” حڪمت عملي ناڪام ٿي وئي. ان حڪمت عملي تحت ڪمپني پنهنجي ماتحت شيل ڪمپني ذريعي ٽي ڀيرا ڏيوالپڻي جون درخواستون داخل ڪري ڪيسن جو نبيرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هر ڀيري عدالت انهن درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو.
ڏيوالپڻي واري حڪمت عملي کان اڳ جانسن اينڊ جانسن کي ٽيلڪ مقدمن ۾ ڪڏهن ڪاميابي ته ڪڏهن ناڪامي ملي. هڪ ڪيس ۾ 22 عورتن جي حق ۾ اربين ڊالرن جو فيصلو ٿيو، جن دعويٰ ڪئي هئي ته بيبي پائوڊر سبب کين اوويرين ڪينسر ٿيو. جڏهن ته ڪجهه مقدمن ۾ ڪمپني مڪمل طور ڪامياب رهي ۽ ڪجهه فيصلن ۾ اپيل دوران معاوضي جي رقم گهٽائي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو