ٽي چاٻي چور گرفتار 13 موٽر سائيڪلون برآمد

ٽي چاٻي چور گرفتار 13 موٽر سائيڪلون برآمد

نوشهروفيروز(ن س) مٺياڻي ۾ پوليس ڇاپو هڻي 3 چاٻي چور گرفتار ڪري وٽائن 13 موٽرسائيڪلون برآمد ڪري ورتيون. ان سلسلي ڊي ايس پي سٽي محمد ايوب درس ۽ ايس ايڇ او سٽي محمد حنيف مهر پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته پڪڙيل ٽئي جوابدار سجاد عرف سجو سيال، سراج سيال ٻئي ڀائر آهن جڏهن ته ساڻن گڏ جاذب جوڻيجو جيڪي هڪ قئنچي سان گاڏين جي هينڊل ڀرسان تارون ڪٽي آساني سان موٽر سائيڪلون ڪيتري ئي عرصي کان چوري ڪندا رهيا آهن جن اعتراف به ڪري ورتو آهي. هنن اميد ڏيکاري ته ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ رڪوري ٿيڻ جو انديشو آهي رڪور ٿيل موٽرسائيڪلن مان ستن جا مالڪ سڃاڻپ ڪري ويا آهن باقي ڇهه موٽرسائيڪلن جا مالڪ ناهن ٿي سگهيا. هنن چيو ته عوام جو ساٿ رهيو ته وڌيڪ گرفتاريون ڪري عوام کي جلد خوشخبري ڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو