لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي خصوصي معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اڄ صبح نوان ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي هڪ جٿو حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ۽ 7 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جٿو هڪ ڊي ايس پي سوڌو 12 اهلڪارن کي اغوا ڪري پنهنجي مرڪز کڻي ويا، فردوس عاشق ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته جٿو پيٽرول بم ۽ تيزاب جي بوتلن سان ليس هو، پوليس ۽ رينجرز طرفان .ڪارروائي دفاع ۽ پوليس اهلڪارن کي بچائڻ لاءِ ڪئي وئي ان ڏس ۾ پنجاب پوليس جي ترجمان به هڪ ٽوئيٽ ڪئي آهي.










