ٽنڊو محمد خان ڪوڙو ڪيس، مختلف واقعن ۾ 2 فوت 3 زخمي

ٽنڊو محمد خان ڪوڙو ڪيس، مختلف واقعن ۾ 2 فوت 3 زخمي

سترموري/ بلڙي شاه ڪريم(نمائندن وٽان) لاکاٽ روڊ تي رجب لغاري نالي ڳوٺاڻو پنهنجي پيرسن امڙ مسمات ديباني ۽ زال عاشيه سان گڏ موٽرسائيڪل تي اچي رهيو هو ته سندس امڙ جو برقعو موٽرسائيڪل جي پٺئين حصي واري ٽائر ۾ ڦاسي پيو جنهن ۾ پيرسن عورت مسمات ديباني ٿڏي تي فوت ٿي وئي جنهن ۾ سندس زال ۽ پاڻ سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي ٽنڊومحمدخان سرڪاري اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد کين  سول اسپتال حيدر آبا د داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ٻئي پاسي ڳوٺ غلام حسين لغاري  ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جي ملازم  خان لغاري جو 10 ورهين جو پٽ شان علي لغاري نانگ  جي ڪکڻ سبب زخمي ٿي پيو. اسپتال ۾ نانگ ڪکڻ جي بچاءٌ جي انجيڪشن نه هجڻ جي ڪري هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو سندس لاش وارث پاڻ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا. هوڏانهن نائون ميل ڀرسان پسيا برادري جي هڪ ڳوٺاڻي غلام حسين پسيو داهيندي چيو آهي ته ٽنڊو محمد خان پوليس بااثر وڏيرن جي ونگار وهندي منهنجي ڀاء عظيم پسيو کي ڌاڙيلن جيان رستي ويندي گرفتار ڪري مٿس ٽي ڪلو چرس جو ڪيس داخل ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي. لاکاٽ ڀرسان ٽن پوليس موبائلن سان گڏ ايس ايڇ او سٽي ذوالقرنين جي اڳواڻي ۾ ڀاء جي گاڏي کي ٽڪر هڻي روڪي تشدد ڪرڻ بعد آبادگار ٿاڻي پهچائي مٿس ٽي ڪلو چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل موڪلي ڇڏيو. غلام حسين موجب ته هنن جي تر جي هڪ بااثر وڏيري سان زميني تڪرار تان دشمني هلندڙ آهي ۽ مون سميت منهنجن ڀائرن تي هن کان پهرين ٽي ڪيس داخل ڪيا ويا اسان پوليس جي انتقامي ڪارواين جي خوف سبب هاء ڪورٽ سان رجوع ڪيو ۽عدالت سڳوري پوليس کي ڪو به ڪيس داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو پر ان جي باوجود منهنجي ڀاء تي ڪيس داخل ڪيو ويو. هوڏانهن بلڙي شاه ڪريم ويجهو ڪپور موري اسٽاپ تي بيٺل امين خاصخيلي کي هڪ تيز رفتار ڪار ٽڪر هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. ڪار ڊرائيور عبدالغور پنهور نشي ۾ ڌت هو ڪپور پوليس زخمي کي اسپتال موڪلي ڪار ۽ ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو