ميرپورماٿيلو (رپورٽ ظھير وسير ) ميرپورماٿيلو قومي شاهراه تي برف ڪارخاني واري اسٽاپ وٽ ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرڪ موٽرسائيڪل سوار نوجوان لياقت لولائي کي ٽڪر هنيو جيڪو ٿڏي تي فوت ٿي ويو . اهڙو اطلاع پوليس ۽ وارثن کي ڪيو ويو ، پوليس فوت ٿي ويل نوجوان جي لاش کي سرڪاري اسپتال ميرپورماٿيلو کڻائي آئي. ضروري ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ، جڏهن ته ٽرڪ ۽ ڊرائيور کي پوليس حراست ۾ وٺي ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.
مشهور خبرون










