ٽرمپ سي اين اين خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

ٽرمپ سي اين اين خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي چينل سي اين اين جي خلاف توهين جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.ٽرمپ سي اين اين تي الزام هنيو آهي ته هو سندس خلاف غلط پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ۽ کيس هٽلر سان ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر چيو ته کيس سياسي طور ناڪام بڻائڻ لاءِ سندس خلاف ناڪاري خبرون ۽ بدنامي پکيڙي وئي.ٽرمپ 475 ملين ڊالر هرجاڻي جي طلب ڪئي آهي ۽ ٻين ميڊيا گروپن خلاف به ڪارروائي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو