ٽرانسپورٽ خلاف ڪاروائي، مسافرن جون پي پي کي پِٽون ۽ پاراتا

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) سنڌ حڪومت جي لاڪ ڊائون واري اعلان کان پوء صبح سوير پوليس رينجرس گڏاپ جي علائقي ڪاٺوڙ پل تي پھچي اندورن ملڪ کان ايندڙ پئسينجر ڪوچن گاڏين کي روڪي سوارين کي لھرائي گاڏيون بيھاري ڇڏيون، پري پري کان آيل ماڻھون، دربدر ٿي ٽيڪسي رڪشن وارن جي انتظار ڪري ھيڏان ھوڏان ڀٽڪندا رھيا، ڪافي فيمليون ٻارڙن سان گڏ پيادل پنڌ ڪرڻ تي مجبور ٿي حڪومت سنڌ کي پٽون پاراتا ڏيڻ لڳا. لاڪ ڊائون جي اعلان کان پوء پوليس رينجرس جا اٽالا شھر جي ننڍن وڏن شھري اعلائقن ۾ مارڪيٽون بازارون بند ڪرائيندا رھيا، گڏاپ ۽ اولهه جي علائقن گلشن معمار، فقيرا ڳوٺ،گڏاپ سٽي، نيو ڪراچي، سرجاني ٽائون، لاسي ڳوٺ، ايوب ڳوٺ ۽ ٻين ھنڌن تي لاڪڊائون تي سختي سان عمل ڪرايو ويو، بازارون ويران مزدور ماڻھون پريشان، ھوڏان سپرھائيوي جي ڪاٺوڙ پل تي اندرون ملڪ کان ايندڙ بسن ڪوچن عام پبلڪ لاء ھلندڙ گاڏين کي روڪيو ويو، سوارين کي گاڏين مان لھرائي مردن عورتن توڙي ٻارڙن کي درپدر ڪيو ويو،ماڻھون پنھنجي منزل تي پھچڻ لاء پريشان رھيا، فيملي سان گڏ پنڌ ڪندڙ ماڻھون حڪومت سنڌ کي پٽون پاراتا ڏيندا رھيا،

پهنجو تبصرو موڪليو