ڏوڪري (ن سنڌيار) محمد قاسم ٻگهيو۔ ڏوڪري شهر جي ڏيرا محلا ۾ ٽرانسفارمرن جي مستري محمد اقبال ٻگهيو سان عرس ماڇي ۽ ٻين جي زيادتي، موت مار ۽ دوڪان بند ڪرڻ جون ڌمڪيون، تشدد ڪري ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، ڏوڪري ٿاڻي تي اين سي داخل، ان سلسلي ۾ مستري محمد اقبال ٻگهيو، سيد امداد شاھ، محمد راشد، جابر علي ۽ محمد اظران ۽ ٻين صحافين اڳيان احتجاج ڪندي چيو تہ واپڊا جو رٽائرڊ ملازم محمد عرس ماڇي ۽ ٻين پاران ڏيرا ڳوٺ ۾ ٽرانسفارمر تي ڪم ڪري رهيو هيس ته مٿي ڄاڻايل جوابدار اچي منهنجي مٿان حملو ڪيو منهنجا ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا، موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ چيو ويو تہ جيڪڏهن ٽرانسفارمر ٺاهڻ جا پئسا ورتا تہ پو دوڪان بند ڪرڻ لاء تيار رھ، اهڙي شڪايت مان حد جي ڏوڪري ٿاڻي تي ڪئي پر پوليس سڄو ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار نٿي ڪري، ھنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ڏوڪري کان مطالبو ٿا ڪيون تہ جوابدار گرفتار ڪري مان مسڪين غريب دوڪاندار سان انصاف ڪيو وڃي.










