ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر نوجوان فوت

شڪارپور (عبدالخالق سومرو) خانپور ويجھو انڊس ھائي وي پارڪو ڀرسان ٽرالر جو موٽر سائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار  ڳوٺ پير بخش شجراع واسي لال محمد شجراع سخت زخمي ٿي پيو، زخمي کي موجود ماڻھن خانپور اسپتال آندو جتي کين طبي امداد ڏني وئي ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شڪارپور اسپتال نيو ويو ته زخمي زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي ويو، فوت ٿي ويل جو مڙھ خانپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته پوليس ٽرالر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو