ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر ،2 ڄڻا فوت،گهر ۾ ماتم

ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر ،2 ڄڻا فوت،گهر ۾ ماتم

سرحد(رپورٽر) سرحد ڀرسان ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر 2 ڄڻا فوت گهرن ۾ قهرام، قومي شاهراهه جي حالت خراب هجڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل، خبرموجب سرحد ٿاڻي جي حد ۾ قومي شاهراهه تي سفاري پارڪ ڀرسان ٽرالر جو رڪشا سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سراج الدين پنهوار ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو ۽ شاهنواز ڀٽو سخت زخمي ٿي پيو واقعي بعد مقامي ڳوٺاڻن ۽ سرحد پوليس جي اهلڪارن فوتي ۽ زخمي کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ۽ زخمي شاهنواز ڀٽو کي علاج لاء رحيميارخان منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي هو فوت ٿي ويو، ياد رهي ته گهوٽڪي کان ميرپورماٿيلو تائين قومي شاهراهه جي حالت خراج هجڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آھن جنهن سبب ڪيترائي ماڻھون پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آھن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو