ٽائون ڪميٽي آفيسرن جي من ماني،ننڊا ملازم دربدر

ٽائون ڪميٽي آفيسرن جي من ماني،ننڊا ملازم دربدر

باڊھ (ن سنڌيار) سنڌ حڪومت برساتن دوران ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ٽائون ڪميٽي باڊھ جي آفيسر ۽ اڪائونٽ ڪلارڪ پيرل سومرو پنهنجو قانون ٺاهيو آهي، باڊھ جي 14 وارڊن ۾ 20 کان وڌيڪ ملازم ڊيوٽي تي موجود نه آهن، بقاياجات ملازم ويزا تي مقرر آهن. باڊھ شهر ۾ برسات جو پاڻي 2010 جي ٻوڏ وانگر نظر آيو. شهر جي مختلف محلن ۾ پاڻي جا ڍير لڳل آهن ۽ هر طرف پاڻي ئي شور آهي. جنهن سبب مختلف بيمارين ۾ پکڙجڻ جو خدشو آهي، ڪيترائي ڀيرا ٽائون ڪميٽي باڊھ آفيسر ۽ اڪائونٽ ڪلارڪ پيرل سومرو کي شڪايتون ڪيون پر ڪرپشن جي ور چڙهيل بادشاهه هڪ به نه ٻڌي. ان موقعي تي باڊه جي معززين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باڊه جي مختلف پاڙن ۾ سيوريج سسٽم جي خراب معيار سبب برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي پر افسوس جو ڪرپشن جي ماسٽر مائينڊ پريل سومرو خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي. باڊھ شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي. ٽائون ڪميٽي باڊھ جي ڪلارڪ پيرل سومرو کي 10 سالن کان وڌيڪ عرصي کان ٽائون ڪميٽي باڊھ ۾ تعانات آھي ۔ انهن جي ڪرپشن جا مثال ڪيترائي مثال قائم آهن. جنهن ۾ 1. ڪوڙا بل 2. ملازم ويزا 3. ڪوڙا ملازم ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارمانا موجود آهن. جنهن مان ڪروڙين روپيا ٺاهي بنگلا ۽ مختلف شهرن ذريعي زمينون ۽ ان سان گڏ لاڙڪاڻي ۾ 220 گز جا پلاٽ ۽ موجود آهن. هنن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وزيراعظم شهباز شريف. پاڪستان سپريم ڪورٽ. پاڪستان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا. ڊي جي رينجرز. سنڌ حڪومت جو مشنري. پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري. پاڪستان پيپلز پارٽي ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو صاحب کي اپيل ڪئي ته نااهل ڪرپٽ ماسٽر مائينڊ راشتخور خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. باڊهه جي سمورن محلن ۾ سيوريج سسٽم جي صفائي سان گڏ برسات جو پاڻي ڪڍيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو