ٺاروشاھ ( ن سنڌيار) ٺاروشاھ ٽائون ڪاميٽي جي صفائي عملي ۽ ڪلارڪن پاران صفائي عملي مٿان حملي خلاف احتجاج علامتي بک هڙتال بااثر روئوف خانزاده جي ڇڙتن اسان جي ملازمن تي حملو ڪري هيسائي رهيا آهن حملي آور گرفتار نه ٿيا ته ڪم ڇڏ ھڙتال جاري رهندي اڳواڻن جو مطالبو, خبر موجب ٺاروشاھ ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن صفائي ڪندڙ عملي ۽ ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي اڳواڻن الهڏنو شيخ سراج ڀرٽ علي محمد شيخ قاربخش بڙدي ۽ ٻين چيو ته ٺاروشاھ جي ڪائونسلر روئوف خانزاده ۽ ڪائونسلر ٽڪا خانزاده جي محلن ۾ ٽائون جي صفائي عملي جا ملازم ڪم ڪري رهيا هئا ته خانزاده برادريء جا ڪجھ بااثر حيات خانزاده امين ارمان خانزاده ملازم کي نالي صحيح طرح سان صاف نه ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي سخت مارڪٽ ڪري پسٽل ڏيکاري سخت تشدد جو نشانو بڻايو آھي جنهن تي وارڊ جي صفائي انچارج کي اسان گهرايو ته خانزاده براريء جي اوباش نوجوانن به ٽائون ڪاميٽي جي سينٽري انسپڪٽر سراج ڀرٽ کي به نه بخشيو ۽ گار گند ڪري کيس به پسٽل ڏيکاري ڌمڪايو سخت تشدد جو نشانو بڻايو هنن چيو ته اڳ به انهن غنڊاگردي ڪندي اسان مٿان بلاجواز تشدد ڪيو هئو جنهن تي خانزاده برادريء جي ڪائونسلرن عبدالرئوف خانزاده ۽ ٽڪا خان خانزاده کي شڪايت ڪئي پر هنن به غنڊن جي پٺڀرائي ڪري کين ڪجھ به نه ڪيو هنن چيو ته جيسين تائين تشدد ڪندڙ بااثر گرفتار نه ٿيندا تيسين تائين ڪم ڇڏ احتجاج جاري رهندو ٻئي پاسي صفائي عملي جي ڪم ڇڏ ھڙتال سبب پورو شھر گندگي جي ور چڙھي ويو آھي پر هن معاملي تي ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آھي.










